در محمد خان

در محمد خان: در محمد خان ولد محمد خان خاڪواڻي ميرن جي حڪومت ۾ ملتان کان اچي خيرپور ۾ آباد ٿيو. ساڻس فوجي دستو به گڏ هو. هن خاندان جا وڏا پٺاڻن جي سدوزئي قبيلي جا پڦاٽ هئا ۽ احمد شاهه درانيءَ جي فوج ۾ اعليٰ عهدن تي فائز هئا، مير علي مراد خان، در محمد خان کي ٽي جاگيرون ۽ پنج سؤ گھوڙا ڏنا. هو گمبٽ تعلقي جي ڳوٺ جادي واهڻ ۾ رهندو هو. هن جا جهونا ڳڙهه جي مدارا المهام شيخ محمد بهاءُ الدين سان گھاٽا تعلقات هئا ۽ مير علي مراد خان ٽالپر جو به ساڻس ڪافي قرب هو. در محمد خان، ميرن جي نونارين سان لڳل جنگ ۾ به شامل هو. ان کانپوءِ جڏهن مير صاحب سر چارلس نيپيئر سان گڏ وطن پرست جوڌي بجار خان ڊومڪي ۽ ٻين بلوچ انقلابين تي چڙهائي ڪئي هئي، تڏهن به سندس فوج جي ڪمان در محمد خان جي هٿ ۾ هئي. هن 1847ع / 1263هه تي وفات ڪئي. سندس وفات کانپوءِ پٽس علي محمد خان جانشين ٿيو ۽ مير علي مراد خان ٽالپر جي لشڪر جو سالار بڻيو.


لفظ در محمد خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو